چوڌري فواد حسين جي سرفراز خان بلوچ جي گهر آمد، وارثن سان تعزيت جو اظهار


APP18-030122 FAISALABAD: January 03 – Federal Minister for Information and Broadcasting, Chaudhry Fawad Hussain along with Minister of State for Information and Broadcasting, Farrukh Habib offering Surah Al- Fatiha for brother of Ex MPA Dr. Khalid Imtiaz Baloch. APP photo by Tasawar Abbas

فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مشهور سماجي شخصيت محمد انور خان جي فرزند سرفراز خان بلوچ جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر ويو ۽ مرحوم سرفراز خان بلوچ جي ڀاءُ ڊاڪٽر خالد امتياز بلوچ ۽ ڌيءَ محمل سرفراز سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.ان موقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. هن به مرحوم سرفراز خان بلوچ جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي.

مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena

متعلقہ مضامین