قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان بابر اعواڻ جي ملاقات


APP36-100122 ISLAMABAD: January 10 – Advisor to Prime Minister on Parliamentary Affairs Dr.Baber Awan called on Speaker National Assembly Asad Qaiser.APP

اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانون سازي، قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ طئي ٿيو ته فنانس ترميمي بل تي مخالف ڌر کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو ويندو ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ التوا ۾ پيل بلن جي جلد منظوري لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا. اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي عوامي مسئلن جي حل ۽ ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندي ۽ آئين ۾ مقرر 130 ڏينهن کي پورو ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي عوامي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک

متعلقہ مضامین