قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ وڌندڙ اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق وزيراعظم م??مد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يون?? جي وچ ۾ ڊي – 8 سربراهه اجلا?? جي موقعي تي ملاقات ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي اها ملاقات پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي حقيقي عڪاس آهي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن کي اجاگر ڪندي ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار، عو??م جي وچ ۾ رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي پاڪسدتان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ خاص طور تي ڪيميڪلز، سيمنٽ ڪلينڪر، جراحي اوزارن، ليدر مصنوعات ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جهڙن شعبن ۾ گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ جي وسيع امڪانن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. ??زيراعظم م??مد شهباز شريف پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ واپار ۽ سفر جي سهولت جي لاءِ تازن قدمن تي بنگلاديش جا ٿورا مڃيا جنهن ۾ پاڪستان مان ايندڙ سامان جي 100 سيڪڙو فزيڪل معائني جي شرط کي ختم ڪرڻ ۽ ڍاڪا ايئرپورٽ تي پاڪستاني مسافرن جي جاچ پڙتال جي لاءِ قائم خصوصي سيڪيورٽي ڊيسڪ کي ختم ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم پاڪستاني ويزا جي درخواست ڏيندڙن جي لاءِ اضافي ڪليئرن?? جي شرط ختم ڪرڻ تي پڻ بنگلاديش جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ وڌندڙ اعليٰ سطح جي رابطن تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وسيع ۽ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گڏيل طور تي فائديمند ترقياتي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏ??و. ??نهي اڳواڻ عوام سان عو??م جي رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي تسليم ڪيو جنهن ۾ ف??ڪا??، رانديگر، تعليمي ماهر ۽ شاگرد شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري ۽ پاڪستاني ف??ڪا??ن جي ڍاڪا ۾ ڪنسرٽ منعقد ڪرڻ تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ڊي – 8 سميت مختلف گهڻ رخي فورمز تي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
وزيراعظم ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس ۾ ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ وڌندڙ اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج