اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پا?? چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي چيني قيادت جي ويزن کي ساراهيندي چيو آهي ته پا??ستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت، جديد ??را??ت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان پا??ستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پا?? چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين هر مشڪل وقت ۾ پا??ستان جو غيرمشروط ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پا?? چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ چين پا??ستان اقتصادي لنگهه جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو چيني قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو آهي، پا?? چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. وزيرا??ظم چيو ته پا??ستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد ??را??ت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيرا??ظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : راکی