ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ وا??ي ڏينهن ڀارت عالمي قانون پائمال ڪندي هڪ طرفو قدم کنيو، اهو قدم تڪراري علائقي تي غاصباڻي قبضي لاءِ کنيو ويو. والاريل ڪشمير ۾ عوام جي حقن کان انڪار ڀارت جو غيرقانوني عمل آهي پر ڀارت ڪشميري عوام جي آزادي جي تڙپ کي گهٽائي نه ٿو سگهي، اها ڀارتي رياستي دهشتگردي آهي جيڪا حقيقت کي تبديل ??ه ٿي ڪري سگهي. غيررياستي ماڻهن کي آباد ڪري کين ڊوميسائيل ??اهي ڏنا ويا، چونڊن وا??ين فهرستن ۾ غير رياستي ماڻهن جو شمار ڪري نوان نوان حربا استعمال ڪيا ويا. والاريل ڪشمير جي تاريخ کي ه??دستان جبر وسيلي تبديل ??ه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي ??ڄي قوم والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. خوداراديت وا??ي حق لاءِ ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ڪندا رهنداسين. والاريل ڪشمير جي ڀائرن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هندستان ڪشميري عوام کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو. عالمي برادري ه??دستان جي غيرقانوني قدم جو نوٽيس وٺي. گورنر عالمي برادري تي زور ڀريو ته جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي هڪ به پاڪستاني چين سان نه ويهندو. پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي جدوجهد ۽ حق خوداراديت جي هرممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جو يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس