ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه سي ٽي ڊي جي شهيد ڊي ايس پي علي رضا کي خراج عقيدت پيش ڪر?? لاءِ ڪريم آباد پهچي ويو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ايس پي جي رهائشگاهه تي سوڳوار خاندان سان ملاقات ڪئي. وارثن کي دلاسو ڏنو ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ايس پي علي رضا لاءِ هلال شجاعت ۽ قائد اعظم پوليس ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ڊي ايس پي علي رضا انتهائي بهادر پول??س آفيسر هو. قوم کي اهڙن جرئتمند پول??س آفيسرن تي ناز آهي. شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم کانپوءِ شهيد ڊي ايس پي علي رضا ڪراچي ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي هئي. هن چيو ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ شهيد ڊي ايس پي علي رضا هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. ايڊيشنل آء?? جي پوليس يعقوب ناصر، ڊي آء?? جي سي ٽي ڊي ??صف اعجاز شيخ، ايس ايس پي سينٽرل ۽ سي ٽي ڊي جا آفيسر به ??ن موقعي تي موجود هئا.
گهرو وزير محسن نقوي پاران سي ٽي ڊي جي شهيد ڊي ايس پي جي رهائشگاهه تي آمد، وارثن سان تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری