اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ??چ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪئناڊا پاڪستان ??و مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي، معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي ??فاد ۾ آهي. اها ڳالهه هن ڪئناڊا جي ??اءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون سا?? ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان ??ڪومت جي ??عاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪئناڊا جي ??اءِ ڪمشنر اطلاعات واري وفاقي وزير کي اطلاعات واري وزارت سا?? گڏ ثقافت ۽ قومي ورثي جو اضافي قلمدان ??نڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ??چ ۾ پائيدار ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن، ڪئناڊا پاڪستان ??و مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي ??فاد ۾ آهي. ان موقعي تي ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر پاڪستان ??ڪومت جي ??عاشي قدمن کي ساراهيو.
ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي، معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2