بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي خودمختياري، ع??ائ??ائي سالميت ۽ ترقي، ع??ائ??ائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز طور اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته کيس صدر شي جن پنگ سان ملاقات جو اعزاز حاصل ٿيو. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسان پنهنجي پراڻي لاڳاپن ۽ ثابت قدم دوستي، سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سي پيڪ تحت جاري قدمن جي وقت سر پڄاڻي ۽ 5 نئين لنگهن سان گڏ اڳئين مرحلي ۾ گڏيل طور تي اقتصا??ي تعاون کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. کيس ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۽ بي آر آءِ جي 10 سالن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. مون ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ع??ائ??ائي رابطن ۽ اقتصا??ي ترقي جي فروغ ۽ گوادر کي ڪنيڪٽيويٽي جو مرڪز بڻائڻ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصا??ي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکنداسين. هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي خودمختياري، ع??ائ??ائي سالميت ۽ ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ ع??ائ??ائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز جي طور تي اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکندو، مون صدر شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.
چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي، علائقائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز طور اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج