بنجول – 03 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گيمبيا جي شهر بنجول ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي س??براهي اجلاس جي لاءِ پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن سال جي س??براهي اجلاس جو موضوع ”پائيدار ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ“ آهي. اجلاس دوران پاڪستان کي م??فق?? طور تي او آءِ سي جي 15 هين اسلامي س??براهي اجلاس جي لاءِ بيورو آف پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اجلاس جو نائب صدر چونڊيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي تي خطاب ڪندي گيمبيا جي پرڏيهي وزير ممدائو تنگارا کي سيشن ۽ 15 هين اسلامي س??براهي اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سعودي عرب جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه جي ڪردار کي س??راهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر غزه جي عوام جي خلاف اسرائيلي جنگ سبب گذريل ڪيترن ئي مهينن کان غزه جي عوام جي جاري نسل ڪشيءَ ۽ غذائي کوٽ تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. تياري جي اجلاس دوران او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن سينيئر آفيشلز ميٽنگ (ايس او ايم) جي رپورٽ جي منظوري ۽ مختلف دستاويزن کي حتمي شڪل ڏني جن ۾ فلسطين مسئلو، او آءِ سي س??براهي ڪانفر??س جو حتمي پڌرنامو ۽ بنجول پڌرنامو شامل آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي بنجول ۾ اسلامي سربراهي اجلاس جي لاءِ پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری