اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي نئي صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ (اڄ) ڇنڇر تي منعقد ٿيندي. پارليامنٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ قائم پولنگ اسٽيشنن تي چونڊيل م??مب?? صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪري سگهندا. صدارتي چونڊ ۾ حڪمران اتحاد جو اميدوار اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪونسل ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين جو نامزد اميدوار محمود خان اچڪزئي وچ ۾ مقابلو آهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا م??مب?? پارليامنٽ هائوس ۾ اسيمبلي هال ۾ پنهنجو ووٽ وجهندا. صدر جي چونڊ گجهي را??ِ شماري جي بنياد تي ٿيندو جتي سينيٽ، قومي اسيمبلي، بلوچستان اسيمبلي جي هر م??مب?? جو هڪ ووٽ شمار ٿيندو جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ م??مب??ن جي انگ کي بلوچستان اسمبلي جي برابر ووٽن ۾ ورهائي شرح ڪڍي ويندي. صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان شيڊول پهرين مارچ تي جاري ڪيو ويو ه?? جنهن مطابق نامزدگي ڪاغذ 2 مارچ، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ 4 مارچ، نامزدگي ڪاغذن جي واپسي 5 مارچ جڏهن ته ريٽائرمنٽ جي تاريخ 6 مارچ مقرر ڪئي وئي هئي. اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي چيو آهي ته اهي پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ لاڳاپيل ايوان يا اسيمبلي جي م??مب??ن مان هڪ هڪ پولنگ ايجنٽ نامزد ڪري سگهن ٿا جيڪو پولنگ ۽ ڳڻپ جي عمل جو مشاهدو ڪندو.
نئين صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ (اڄ) منعقد ٿيندي
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث