ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ڪا??وب??ري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۽ اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. وزي??اع??م آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ميمبرن ۽ پاڪستان جي ناليوارين ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ خان، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان عاڪف سعيد ۽ پاڪستان جي ٻين ناليوارين ڪمپنين جي سربراهن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ سي اي او پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج نگران وزي??اع??م جي خصوصي تي سندس ٿورا مڃيا ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ نگران وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪا??وب??ر دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪارن ۽ ڪا??وب??ري برادري جو اعتماد وڌيو آهي جنهن جي ڪري اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ سطح تي ڪا??وب??ر جاري اهي. ملاقات جي شرڪت ڪندڙن عالمي مالياتي اداري جي پروگرام جي حوالي سان حڪومت جي سنجيدگي ۽ اداراجاتي سڌارن جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزي??اع??م ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جي ڪا??وب??ري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. نگران وزي??اع??م وڌيڪ چيو ته ڪا??وب??ري برادري ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نگران وزي??اع??م تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان مثبت قدمن ۽ ان جي حوصلي جوڳي جي نتيجن تي پڻ روشني وڌي. نگران وزي??اع??م وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي. حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائڻ جي حوالي سان پڻ عملي قدم کڻي رهي آهي.
پاڪستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ