اسلام آباد – 27 – ??ومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ??ور ۾ انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي، آءِ ايم ايف کان ٻي قسط ملڻ سان رپئي جي قدر ۽ ادائيگين جي ??وازن جي ??ورتحال مستحڪم ٿيندي. سينيٽ جي ??جلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ملڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي کوٽ جي نتيجي ۾ ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عوام کي درپيش مالي مشڪلاتن کي بحث هيٺ آڻڻ جي ??ٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير چيو ته فارن ڪرنسي جي ??گهن جو دارومدار طلب ۽ پهچ تي آهي، نگران حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ رپئي تي دٻاءُ هو، موجوده حڪومت ڪجهه انتظامي قدم کنيا، پشاور، ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ هُنڊي حوالا جي ??يرقانوني ڪاروبار تي ضابطو آندو ويو. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان خاص طور تي ڪرنسي ايڪسچينج ڪمپنين ۾ ڍانچاجاتي سڌارا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو جائزو مڪمل ٿي ويو آهي، قرض جي ٻي قسط ملڻ سان رپئي جي قدر ۾ بهتري ايندي ۽ ادائيگين جي ??وازن جي ??ورتحال پڻ مستحڪم ٿيندي.
موجوده حڪومت جي دور ۾ انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ