اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ ۾ سياسي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ جي فروغ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، ڪنهن سان ڪو امتياز نه ٿيندو، رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي، ميڊيا کي چونڊن دوران سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ جعلي خبرون پوري دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ??در ميجر جنرل (ر) رضا محمد جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال، جعلي خبرن ۽ ڊس انفارميشن جي ??اتمي، ايندڙ عام چونڊن، سوشل ميڊيا جي مسئلن، ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ چونڊن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير کي ملڪ جي ??ياسي منظرنامي تي ادارن جي ??ازه ترين تحقيق کان آگاهه ڪيو ۽ نگران حڪومت جي ??زاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي ??زم کي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪنداسين. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، ڪنهن سان ڪو امتياز نه ٿيندو. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ جو فروغ لازمي آهي. مس انفارميشن ۽ جعلي خبرن جي ??والي سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز پوري دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئيلنج جعلي خبرون آهن جن جي ??اتمي ۾ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿ??. اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ميڊيا کي چونڊن دوران سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو، رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي. وفد پاڪستان ۾ اتفاق راءِ کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو ڊ??ئر??ڪٽر (ايڊووڪيسي اينڊ ڪميونيڪشن) صديق همايون، حشام، جويريه، انسٽيٽيوٽ جو ڊ??ئر??ڪٽر خرم عباس ۽ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز مان نوفل شامل هئا.
سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، ڪنهن سان ڪو امتياز نه ٿيندو، رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil