اسلام آباد-23 نومبر(اي پي پي) تعليم ۽ پ??شي??راڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان پ??شي??راڻي فني تربيت جي شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جمهوريه ڪرغزستا?? جي سفير اولانبيڪ ٽوٽيي جي قيادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪرغزستا?? جي وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ ثقافت، لساني ۽ عوام وچ ۾ هڪ ٻئي سان محبت رکن ٿا، هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ا?? جي واکاڻ ڪئي. مدد علي سنڌي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. هن چيو ته جڏهن کان هن عهدو سنڀاليو آهي استاد?? جي ترب??ت ۽ تعليم جي معيار کي اولين ترجيح ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان کي پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن خاص ڪري ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ تحقيق جي مٽاسٽا ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم جي شعبي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان اڄ ۽ سڀاڻي جي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن عوامي تعليم جي شعبي ۾ مروجه مسئلن جو ڊجيٽل حل تيار ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزارت جي ذريعي تيار ڪيل اي تعليم ۽ ٽيلي اسڪول پليٽ فارمز تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان سدائين مسلمان ملڪن سان تعاون ڪيو آهي ۽ ڪرغزستان سان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪرغزستان ۾ 11 هزار پاڪستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، هن چيو ته ان طرح جي مٽاسٽا سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا، اسان کي اي سي او جهڙن گهڻ رخي پليٽ فارمز تي به تعاون طرف ڏسڻ گهرجي. وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگرد?? جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هن اهڙن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا نوجوان ملڪ جو سڀ کان اهم اثاثو آهن ۽ کين هر طرح جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جمهوريه ڪرغزستا?? جي سفير چيو ته ڪرغزستا?? جي عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي آهي، يونيورسٽي کان يونيورسٽي تعاون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪينڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن وفاقي وزير کي ڪرغزستان ۾ استعمال ٿيندڙ ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارم جي باري ۾ به ٻڌايو جنهن جا بهترين نتيجا نڪتا آهن. مدد علي سنڌي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارمز جي ترقي تي مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻي?? جي تجربن مان فائدو کڻي سگهجي. مدد علي سنڌي پاڪستا?? جي تعليمي نظام کي جديد بڻائڻ ۾ موجوده حڪومت?? جي ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير سفير جو شڪ??يو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ?? دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي تاريخ ۽ ادب هڪجهڙو آهي.
پاڪستان ۽ ڪرغزستان پيشيوراڻي فني تربيت جي شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل