اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي ۾ معصوم شهرين جو قتلام غيرانساني ۽ ناقابل دفاع آهي، اهو عالمي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظ?? چيو ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي ڇو ته هن غزه تي پنهنجي بمباري ۽ گهيراءُ جاري رکيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فو??گيون، تباهي ۽ لڏپلاڻ ٿي آهي. هن چيو ته اسرائيلي قبضي جي حامين کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي غزه جي ماڻهن جي خلاف دهشتگردي جي مهم هلائڻ ۾ اسرائيلي عملدارن کي ڇوٽ ڏي ٿي. نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي، عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪ?? ٿا. نگران وزيراعظ?? چيو ته اسان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريو?? ٿا ۽ عالمي برادري ??ي زور ڀريو?? ٿا ته اها تشدد کي روڪڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ ان ??ي زور ڏنو هو ته عالمي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.
غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي ۾ معصوم شهرين جو قتلام غيرانساني ۽ ناقابل دفاع آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena