اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سائبر ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم قومي خا??رو اداري ايسو??يئ??ٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اضافي ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. اي پي پي جي هي?? آفيس اچڻ تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽرن ۽ اداري جي ملازمن سندس شاندار آجيان ڪئي. محمد عاصم (بي ايس 20) انفارميشن گروپ جي 26 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جو آفيسر آهي. 21 سالن تي ٻڌل سندس پيشيواراڻو ڪيريئر وسيع تجربو رکندڙ آهي. هن پريس انفارميشن ڊپارٽمين??، سائبر ونگ، وزيراعظم هائوس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هو ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي.
محمد عاصم اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اضافي ذميواريون سنڀالي ورتيون
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ