اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل آچر ڏينهن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اع??ان ڪري ڇڏ??و آ??ي. ??يوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 57 تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اع??ان ڪيو. صدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چ??و آهي ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ جي سيڪشن (2) 57 تحت اليڪشن جو پروگرام جاري ڪيو وڃي. صدر چيو ته هن آئين تحت آئين جي تحفظ ۽ دفاع جو حلف کن??و آهي جيئن ته ڪنهن به عدالتي فورم پاران ڪو منع نامو نه آهي تنهن ڪري سيڪشن (1) 57 تحت صدر جي اختيار جي استعمال ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي. هن چيو ته آئين ۽ قانون 90 ڏينهن کان وڌيڪ جي دير جي اجازت نٿو ڏي، ان لاءِ آئين جي خلاف ورزي کان بچڻ جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اع??ان ڪرڻ جو پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض ادا ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. صدر چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا گورنرز صوبائي اسيمبلين جي تحليل کانپوءِ 90 ڏينهن جي اند?? چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري ادا نه ڪري رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان به پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوريون نه ڪري ره??و آهي، ان طرز عمل سان دير ۽ آئيني شقن جي خلاف ورزين جو سنگين خطرو پيدا ٿي ره??و آ??ي. ??در چيو ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي آئيني عهديدا??ن جا نالا پنهنجي مختلف خطن ۾ چونڊن جي امڪاني تاريخن جو اشارو ڏئي چڪو آهي، انهن خطن ۾ 90 ڏينهن جي اند?? چونڊون ڪرائڻ جي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته اسيمبلين جي عام چونڊن جي تاريخ جي اع??ان لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جو سنجيده عمل شروع ڪيو پر اليڪشن ڪميشن ان موضوع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آ??ي. ??ن لاءِ صدر جي طور سيڪشن (1) 57 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي لاءِ 9 اپريل 2023ع آچر جي تاريخ جو اع??ان ڪري ره??و آهيان.
صدر پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل تي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ