اسلام آباد– 30 – ??نوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور ۾ مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عبادت دوران مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، سموري پاڪستاني ??وم دهشتگردي خلاف پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مسجد ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ نماز??ن جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته سڄي پاڪستاني ??وم دهشتگردن جي مڪمل ۽ حتمي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. دهشتگردي جي پاڙ کان خاتمي لاءِ گڏيل ۽ ڏورس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو نظرياتي بنياد ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀني ??ڪتبه فڪر کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسلام شهر??ن جي بي رحماڻي قتل ۽ خودڪش حملن جي اجازت بلڪل نه ٿو ڏي، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون اسلامي تعليم جي ابتڙ آهن. هن خودڪش حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي، حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر ج??يل جي دعا ڪئي.
عبادت دوران مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج