اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محت??ب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. هن اسٽيٽ لائيف کي لائيف انشورنس پال??سي جاري ڪرڻ کان اڳ تصديقي عمل کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسٽيٽ لائيف کي دعويدارن کي 19 لک رپين کان وڌيڪ جا ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??سٽيٽ لائيف پال??سي ڏيڻ کان اڳ ۽ بعد جي عمل کي بهتر بڻائي ته ??يئن ماڻهن کي غيرضروري پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي، انهن قدمن سان رياست ۽ شڪايت ڪندڙن جي قانوين چاره جوئي تي ٿيندڙ خرچن کي به گهٽ ڪري سگهبو. صدر ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 1872ع جو حوالو پڻ ڏنو ۽ چيو ته ??سٽيٽ لائيف انشورنس بيماري لڪائڻ جي عذر تي ڪليم ادا نه ڪري بدانتظامي ڪئي، اسٽيٽ لائيف اصل ڪليم کانسواءِ ان مدي دوران جمع ٿيندڙ منافعي جي ادائيگي به ڪري. صدر اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محت??ب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ص??ر چيو ته پال??سي هولڊرز کي پال??سي جاري ڪرڻ کان اڳ مجاز ميڊيڪل آفيسر طبي معائني ۾ طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس ۽ ميليٽس جهڙين بيمارين کي غيرمعمولي سبب نه ٿو چئي سگهجي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکويبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چار مختلف پال??سي هولڊرز مجموعي طور تي 19.5 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسيون خريد ڪيون، جنهن ۾ 9 لک، 4 لک 25 هزار، 4 لک 25 هزار ۽ 2 لک شامل آهن. فوت ٿيڻ کانپوءِ خاندان جي ماڻهن (شڪايت ڪندڙن) انشورنس ڪليمز جي لاءِ درخواست ڏني، اسٽيٽ لائيف پال??سي وٺڻ وقت بيماريون لڪائڻ جو عذر ٺاهي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو، شڪايت ڪندڙن ريليف جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو اسٽيٽ لائيف محتسب حڪمن جيخلاف صدر کي درخواستون داخل ڪيون جيڪي رد ڪيون ويون.
صدر پاران اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ