اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي جمعي ڏينهن حملو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ ۾ ٿيندڙ ح??لي ۾ هيڊ آف مشن محفوظ رهيو. ترجمان موجب جڏهن ته هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ سپاهي اسرار محمد هيڊ آف مشن جي حفاظت ڪندي ح??لي ۾ شديد زخمي ٿيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن تي قاتلاڻي ح??لي ۽ سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي ح??لي جي شديد مذمت ڪري ٿي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت فوري طور تي ان ح??لي جي مڪمل جاچ، جوابدارن کي پڪڙ??، انهن جو محسابو ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي ع??لي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.
ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي حملو، هيڊ آف مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو ويو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا