اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار جو واحد حل ??شم??رين جي خواه??ن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم?? سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، سمورين مشڪلاتن جي باوجود بهادر ??شم??ري بي مثال قربانين جي ذريعي ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪري رهيا آهن، اسان ??شم??ري عوام جي خودمختياري جو جائز حق ملڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. ??شم??ر ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اُداس دل سان اسان ??شم??ر جي حوالي سان هڪ ٻيو ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، 27 آڪٽوبر 1947ع تي 75 سال اڳ ڀارت زبردستي پنهنجي فوج غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ لاٿي هئي ۽ تڏهن کان اها ان علائقي ۾ زبردستي ۽ غيرقانوني طور تي قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته والاريل ڄ??ون ۽ ??شم??ر تي پنهنجي زبردستي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڀارت علائقي ۾ 9 لک کان وڌيڪ هٿياربند فوج مقرر ڪري رکي آهي. تشدد، غيرقانوني نظربندين، ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪرڻ، ڪارن قانونن تحت طاقت جي انڌي استعمال ۽ ??شم??رين جي جدا ثقافتي ۽ مذهبي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي لاءِ منظم ڪارروايون والاريل علائقي تي ڀارت جي ظالماڻي قبضي جي حقيقت جي نشاندهي ڪن ٿيون. وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄ??ون ۽ ??شم??ر جي خصوصي حيثيت کي غيرقانوني ۽ هڪطرفي طريقي سان ختم ڪرڻ کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، گذريل ٽ?? سالن ۾ ڀارتي قابض فوج جي هٿان اٽڪل 790 بيگناهه ??شم??رين جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. ناليوارا حريت اڳواڻ غيرقانوني طور تي حراست ۾ يا گهرن ۾ نظربند آهن. هن چيو ته ڀارت جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ، جائيداد جي قانونن ۾ تبديلي، چونڊ ضلعن ۾ تبديلي، هندو اڪثريتي علائقن جي لاءِ رياستي اسيمبلي ۾ نيون سيٽون پيدا ڪرڻ ۽ غير ??شم??ري رهواسين جا نالا چونڊ فهرستن ۾ شامل ڪري والاريل ڄ??ون ۽ ??شم??ر ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جي لاءِ مذمت جوڳا قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته سمورين مشڪلاتن جي باوجود بهادر ??شم??ري بي مثال قربانين ۽ محڪومي کان انڪار ڪندي ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تاريخ ان حقيقت جي گواهه آهي ته ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڄ??ون ۽ ??شم??ر جي عوام، پاڪستان ۽ عالمي برادري کان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي پاسداري ۽ پنهنجي واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ کان قابض طاقتون انڪاري آهن. تاريخ ان ڳالهه جي به گواهه آهي ته ڀارت سدائين غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پنهنجي واعدن جي پاسداري کان مڪمل طور تي انڪاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ??شم??ر جو تڪرار ساڍن 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي آهي، پاڪستان ??شم??ري?? سان پنهنجي واعدن تي قائم آهي ۽ ان والاريل ڄ??ون ۽ ??شم??ر ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خلاف مسلسل آواز بلند ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي مسلسل زور ڏيندو رهيو آهي ته اها والاريل ڄ??ون ۽ ??شم??ر جي مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ذميواري پوري ڪري، پاڪستان والاريل علائقي ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف مسلسل آواز اٿاريو آهي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار جو واحد حل ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ لڪل آهي ته ??شم??رين کي انهن جي خواه??ن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن جي مينڊيٽ، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جي جمهوري عمل جي ذريعي پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته ??شم??ر ڪاز جي حوالي سان پاڪستان پنهنجي ڀرپور حمايت جاري رکي آهي. اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو ان بنيادي مسئلي تي قومي اتفاق راءِ آهي. حقيقت ۾ ??شم??ر سان محبت ۽ ان منصفاڻي مقصد سان وفاداري اسان جي معاشري جي هر طبقي جو لازمي جز آهي. اهو ئي سبب هو جو اسان جي پياري قائد ??شم??ر کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي سمورن ??شم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي، پاڪستان سدائين توها?? سان گڏ بيٺل رهندو، ڀلي ڪا به قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي. اسان دنيا آڏو توهان جو آواز بڻجنداسين. اسان جي حمايت ۽ يڪجهتي برقرار آهي. اسان ان وقت تائين سک سان نه ويهنداسين جيستائين ??شم??ري عوام کي انهن جي خودمختياري جو جائز حق نه ٿو ملي ۽ انشاءَ الله اهو ڏينهن پري نه آهي.
5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ