اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ??ور??حال، گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ جي ??ور??حال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بلتستان يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر جي مستقل مقرري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته يونيورسٽي گلگت بتلستان جي ماڻهن کي اعليٰ ??عليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، يونيورسٽي کي درپيش مشڪلاتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ ملڪ جي سمورن حصن کي متاثر ڪيو، موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت بلتستان جو خطو موسمياتي تبديلين جي ڪري خصوصي طور تي متاثر ٿيو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن.
موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ