اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ??وج?? پرامن حل چاهي ٿو جنهن ۾ مظلوم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي ضمانت ڏني وئي آهي، والاريل ڪشمير ڪڏهن به ڀا??ت جو حصو ناهي رهيو ۽ غيرقانوني طور تي والاريل علائقي کي پنهنجو حصو قرار ڏيڻ جي ڀا??تي آئين کي به تسليم نه ڪيو. هو ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ پرڏيهي آفيس کان ڊي چوڪ تائين ريلي جي قيادت ڪرڻ کانپوءِ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، ڪشمير پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سميت وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، حريت اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ ميڊيا سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ ۽ بينرز کڻي رکيا هئا جن ۾ والاريل ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ??وج?? خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو عزم ڪيو ويو هو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندي چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڀا??ت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام ڀا??تي قبضي کان آزادي حاصل ڪندي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خواهش ??وج?? خودمختياري جي حق جي حوالي سان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪري. هن چيو ته آزادي جي صدائن کي دٻائڻ لاءِ ڀا??تي قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ميڊيا جو بليڪ آئوٽ ڪري رکيو آهي ته جيئن ڪشميرين جي آزاد ۽ مسلسل ڀا??تي ظلم کي بي نقاب ڪندڙ سمورن آوازن کي خاموش ڪرائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪشميري عوام جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي. جڏهن والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ ٿئي ٿو ته پاڪستان جي ماڻهن کي ڏک ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي ڪشميري عوام سان ڪيل پنهنجي واعدن جي احترام جي ياد ڏياري ٿو. ڪشميرين جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته قائداعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ ڪشميري عوام پنهنجو رت وهائي ان جو ثبوت ڏئي رهي آهي.
پاڪستان ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق