اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪس??ان ڀارت سان بامعنيٰ، تعميري ۽ نتيجا وارين ڳالهين لاءِ پرعزم آهي، افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو معاملو پاڙيسري ملڪن ۽ ٻين علائقائ?? ۽ ??المي پارٽنرز سان مشاورت سان حل ڪيو ويندو. سي پيڪ ۾ سماج?? ۽ ??قتصادي منصوبن تي ڀرپور ڌنو پيو وڃي. پاڪس??ان خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين والاريل ڪشمير جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي سفارتي، اخلاق?? ۽ ??ياسي حمايت جاري رکندو، هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان چيو ته ابوظهبي ۾ حوثي باغين پاران ڊرون حملي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني جي ميت کي گذريل ڏينهن پاڪس??ان منتقل ڪيو ويو باچاخان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي او پي ايف عمل??ار?? ميت وصول ڪئي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان فوت ٿيندڙ پاڪستاني جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، حوثي باغين جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪس??ان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ ڪيل سمورين ڪوسشن جي حمايت ڪندو، سي پيڪ جي حوالي سان ترجمان چيو ته نومبر 2018ع ۾ وزيراعظم جي پهرين چين جي دوري کان سي پيڪ ۾ سماجي اقتصادي ترقي جي منصوبن تي ڀرپور ڌيان ڏنو پيو وڃي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائ?? ۽ ??هتري ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته 27 منصوبا تڪميل جي مختلف مرحلن ۾ آهن، سي پيڪ منصوبن ۾ ٽيڪنالاجي، زراعت، سائنس ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون کي به شامل ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ وڏي انفرااسٽرڪچر منصوبن تي به ڪم جاري آهي جڏهن ته جي سي سي ميگا انفرااسٽرڪچر منصوبن جي به توثيق ڪئي آهي، انهن ۾ آزاد پتڻ ۽ ڪوهاله هائيڊرو پاور جا منصوبا شامل آهن، انهن منصوبن سان پاڪس??ان جي فوڊ سيڪيورٽ?? ۽ ??وانائي جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ترجمان 21 جنوري 1990ع گائو ڪدل سرينگر ۾ بي پناهه ڪشميرين جي قتل عام جي ورسي جي موقعي تي چيو ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ ڀارتي قابض فورسز ڀارتي ڏاڍ کان آزادي جو مطالبو ڪندڙ پرامن احتجاج ڪندڙ 52 بي گناهه ڪشميرين کي گائوڪدل سرينگر ۾ وحشياڻي طريقي سان قتل ڪيو هو، پاڪس??ان ڀارت جي ان وحشياڻي عمل خلاف ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ۽ واقعي جي ذمي??ار?? کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. اها ڳالهه انتهائي مذمت جوڳي آهي ته ٽي ڏهاڪا گذرڻ جي باوجود ذمي??ار?? جو احتساب نه ٿي سگهيو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل ست ڏهاڪن کان ڪشميري عوام ڀارتي رياست دهشتگردي جو شڪار آهي، تنهن هوندي به اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي آهستي آهستي ڌيان ڏئي رهي آهي، ترجمان عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ ظلم لاءِ ڀارت جو احتساب ڪري، هن چيو ته ڀارتي ظلم ۽ دهشت ڪشميري عوام جي حوصلن کي ڪڏهن به دٻائي نٿي سگهي، پاڪس??ان والاريل ڪشمير جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن کي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين سموري سفارتي، اخلاق?? ۽ ??ياسي حمايت جاري رکندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪس??ان ڀارت سميت پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ دوستاڻي لاڳاپا چاهي ٿو، هن چيو ته پاڪس??ان ڀارت سان بامعنيٰ، تعميري ۽ نتيجا وارين ڳالهين لاءِ پرعزم آهي، تنهن هوندي به اها ذمي??ار?? ڀارتي حڪومت تي لاڳو ٿئي ته هو ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.
پاڪستان ڀارت سان بامعنيٰ، تعميري ۽ نتيجا وارين ڳالهين لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج