اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ٽيليفون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي ??ڳڀرائي تي ??طمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ?? مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. وزيراعظم ??يو ته ترجيحي واپاري معاهدي جي جلد تڪميل جي ذريعي ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان علائقائي خوشحالي لاءِ رابطي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پاڪستان جي پختي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. ازبڪ صدر وزيراعظم پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي ????هن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ح??صل ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha