اسلام آباد – 03 – نومبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف مختلف واقعن ۾ شه??د ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان، باجوڙ ۽ ڪرم ضلعي ۾ شه??د ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 20 آڪٽوبر تي باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ شه??د ٿيندڙ لانس نائيڪ مدثر، سپاهي جمشيد خان ۽ سپاهي صمد خان جي ??هرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪي??. ص??ر 26 آڪٽوبر تي ڪرم ضلعي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شه??د ٿيندڙ سپاهي اسد ۽ سپاهي آصف جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 26 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شه??د ٿيندڙ سپاهي رمضان خٽڪ ۽ سپاهي روحيل هسين جي ??هرڀاتين سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ملڪ جي لاءِ شهيدن جي خدمتن ۽ عظيم قرباني تي شهيدن ۽ سن??ن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪي??. ص??ر سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.
صدر پاران دهشتگردي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل