اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو. ڪابل ايئرپورٽ تي افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي، افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي سينئر عملدارن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. وزيراعظم جي افغانستان بابت خاص نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ڪ??مرس سيڪريٽري صالح احمد فاروقي، پي آءِ اي چيئرمين ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، ڪس??مز، ايف بي آر ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي هڪ ڏينهن جي دوري دوران افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند، پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪندو، ??نه?? ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي ??مو??ن رخن، گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي مختلف طريقن تي غور ويچار ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير ٻين افغاني اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ افغان اڳواڻن کي افغانستان ۾ امن ۽ امان جي قيام ۽ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اعليٰ سطحي وفد سان افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن