دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ان حقيقت کان آگاهه آهي ته ڪاروبار ۾ آسانين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي، پاڪستان پنهنجي عوام کي ڊيجيٽل لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ته جيئن انهن کي انفارميشن ٽي??نا??اجي جي شعبي ۾ معاشي ترقي مان فائدا حاصل ڪرڻ جي ق??بل بڻائي سگهجي. اسپيشل ٽي??نا??اجي زون اٿارٽي جي اهتمام هيٺ سيڙپڪار ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي کي ترقي ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن انفارميشن ٽي??نا??اجي جي ”فورٿ ريولوشن“ جي چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي. صدر حڪومت جي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته انهن ڪوششن جي ڪري گذريل سال انفارميشن ٽي??نا??اجي برآمدات 50 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي. هن چيو ته پاڪستان 20 ڪروڙ آبادي رکندڙ ملڪ آهي جنهن جي آبادي جو هڪ وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي. هن اڀرندڙ شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ان حقيقت کان آگاهه آهي ته ڪاروبار ۾ آسانين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي. اسپيشل ٽي??نا??اجي زون اٿارٽي تحت آءِ ٽي جي شعبي ۾ بهتري جي لاءِ ون ونڊو آپريشن ذريعي ق??نونسازي هڪ اهم قدم آهي. ان سان انفارميشن ٽي??نا??اجي فورٿ ريولوشن جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت ڌرين سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ۽ غيرملڪين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ شاندار پاليسيون ٺاهي رهي آهي. ان موقعي تي صدر ٽي??نا??اجي ۽ ڊيٽابيس ۾ خاص ڌيان ڏيندي انساني ترقي جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جو شعبو وڌي ويجهي رهيو آهي جنهن سان معاشي ترقي ٿيندي.
وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ان حقيقت کان آگاهه آهي ته ڪاروبار ۾ آسانين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي: صدر
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس