اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي توانائي بابت ڪ??يٽ?? (سي سي او اي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صد??رت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نون ٽرمينلز جي قيام جي حوالي سان بين الوزارتي ڪ??يٽ?? جي رپورٽ جي بنياد تي بحري معاملن واري وز??رت سمري پيش ڪئي، سي سي او سي سمري جو تفصيلي جائزو وٺي پائپ لائين جي ڪيپسٽي ايلوڪيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي، اسد عمر هدايت ??ئي ته نئين ايل اين جي ٽرمينلز جي قيام تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. پاور ڊويزن پاڪستان اليڪٽرانڪ پاور ڪمپني جي ري اسٽرڪچرنگ جي سمري اجلاس ۾ پيش ??ئي ۽ ڪابينا جي توانائي بابت ڪ??يٽ?? ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. سي سي او اي چيو ته بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد کي 31 ڊسمبر 2021ع تائين مڪمل ڪيو وڃي ۽ انساني وسيلن جي حوالي سان نئين انتظاميه جون خدمتون جلد حاصل ڪيون وڃن. اجلاس جي دوران پاور ڊويزن جي آر ايل اين جي پلانٽس جي آپريشنز جي سمري تي به غور ڪيو ويو. ڪ??يٽ?? هدايت ??ئي ته آر ايل اين جي جي درآمد جي ڪري پيش ايندڙ مسئلن جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي، ڪ??يٽ?? هدايت ??ئي ته ان حوالي سان توانائي وارو وزير، اوگرا ۽ نيپرا جي عملدارن سان اجلاس ڪري ۽ مسئلن جي حل جون تجويزون سي سي او اي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن، ڪ??يٽ?? آگسٽ 2021ع جي لاءِ پاور ڊويزن پ??را?? جمع ڪرايل گردشي قرضن جي رپورٽ جو جائزو ورتو ۽ گذريل 12 مهينن دوران گردشي قرضن ۾ صرف 57 ارب روپين جي اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته گذريل حڪومت جي دور ۾ گردشي قرضن جو ساليانو ماپو 450 ارب روپيا هو، اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير، توانائي وارو وفاقي وزير، بحري معاملن وارو وفاقي وزير، واپار وارو صلاحڪار، سي پيڪ جي حوالي سان وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ لاڳاپيل ريگوليٽري ادارن سميت ٻين وزارتن ۽ ڊويزنن جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.
ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جو اجلاس، گردشي قرضن ۾ سال ۾ 57 ارب روپين جي اضافي تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔