اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي مناسب تربيت، سيڙپڪارن سان رابطن ۽ ضروري رهنمائي ذريعي معاونت ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته نوجوان ڪاروباري ماڻهن جي پاڪستان جي خوشهالي ۾ ڪردار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحيح پاليسيون جوڙيون ويون آه??، حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض ??راهم ڪري رهي آه??. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر پاڪستان (اين آئي سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. آءِ ٽي اينڊ ٽي??ي ڪام جي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، سي اي او اگنيسٽ عاصم شهريار، چيف ڊيجيٽل آفيسر جاز عامر اعجاز، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اين آئي سي اسلام آباد پرويز عباسي، اين آئي ٽي بي جي نمائندن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان کي نوجوانن جي وڏي انگ مان فائدو کڻڻ جي ضِرورت آه?? ته ??يئن انهن کي جديد آءِ ٽي تي ٻڌل مهارتن سان ليس ڪري سگهجي ۽ ملڪ ۾ ڪاروباري دوستاڻو ماحول بڻائي سگهجي. هن نوجوانن کي آءِ ٽي جي شع??ي خاص طور تي سائبر سيڪيورٽي ۽ سائبر ڊفينس ۾ تربيت ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن زندگي جي سمورن شعبن ۾ ترقي ۽ چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمارٽ ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ صدر کي نيشنل انڪيوبيشن سينٽر (اين آئي سي) جي مختلف منصوبن ۽ ڪارڪردگي بابت بريف ڪيو ويو. کيس ٻڌايو ويو ته ??ين آئي سي باصلاحيت واپارين کي انهن جي جديد آئيڊياز کي پائيدار ڪاروبار ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم ۽ گهربل مدد فراهم ڪري رهيو آه??. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل چئن سالن دوران اين آئي سي اسلام آباد 230 اسٽارٽ اپس لڳايا آه?? جن سان اٽڪل 22 ارب رپين جي آمدني ٿي آه??، ان کانسواءِ 11 هزار کان وڌيڪ نوڪريون پن پيدا ٿيون آه??. صدر ملڪ ۾ انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي اين آئي سي اسٽارٽ اپس ۾ موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اين آئي سي جي ڪوششن کي ساراهيو.
سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي مناسب تربيت، سيڙپڪارن سان رابطن ۽ ضروري رهنمائي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری