اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عراق سان پنهنجي ??اڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل امنگون رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ عراق کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي ??اءِ واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تع??ون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان جي دوري تي آيل عراق جي ??رڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چ??و ته پاڪستان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سلامتي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن ٻڌا??و ته پاڪستان عراق جي ??ئين سر تعمير ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ورڪ فورس سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي ??راهمي ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ عراق جي ??چ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تع??ون کي گڏيل فائدي جي ??اءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عراق?? پرڏيهي وزير کي چ??و ته هو پاڪستاني زائرين کي ويزا ڏيڻ ۽ عراق ۾ مقدس جاين جي دوري دوران سهولت فراهم ڪرڻ جي ??اءِ ڪردار ادا ڪري. صدر عراق?? پرڏيهي وزير کي اهو به ٻڌا??و ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??سلمانن کي ڀارت پاران بدترين ڏاڍ ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته اها ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب خودمختياري جو حق ڏياري. ان موقعي تي عراق?? پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين چ??و ته عراق پاڪستان کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، ثقافت ۽ دفاع ۾ پاڪستان سان تع??ون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن صدر کي آگاهه ڪ??و ته هن اسلام آباد ۾ عراقي سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته هو زائرين کي ويزا ۽ سفر ۾ سهولت فراهم ڪري. هن عراقي سفارتڪارن کي تربيت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ عراقي قيادت پاران پاڪستان جي عوام ۽ قيادت جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان عراق سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania