اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دورا?? سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 629 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 56 سيڪڙو، لاهو?? ۾ 30 سيڪڙو، پشاور ۾ 26 سيڪڙو ۽ بهاولپو?? ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 33 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 32 سيڪڙو، پشاو?? ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 هزار 427 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 536، پنجاب ۾ 22 هزار 819، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 713، اسلام آباد ۾ 4 هزار 759، بلوچستان ۾ هڪ هزار 690، گلگت بلتستان ۾ 282، آزاد ڪشمير ۾ 628 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائي?? سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 63 هزار 111 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوو??ڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوو??ڊ 19 جا 418 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 47 هزار 764 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 32 هزار 140 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 493، بلوچستان ۾ 25 هزار 729، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 633، اسلام آباد ۾ 81 هزار 700، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 34 هزار 321، پنجاب ۾ 3 لک 42 هزار 192 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 23 هزار 72 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 21 هزار 265 آهي.
سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون: اين سي او سي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار