اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو فائدو قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ هڪ قانون هجڻ گهرجي، مخالف ڌر جو م??اد پاڪستان جي م??اد جي خلاف آهي، عمران خان ڪڏهن به انهن ڦورن کي معاف نه ڪندو، ??لله جو شڪر آهي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ته انهن جي چون?? ڪرڻ وارو منهنجو فيصلو بلڪل ٺيڪ هو، ڦورو هنن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ته ان جو مطلب آهي ته هي بلڪل ٺيڪ ماڻهو آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين ته ڪنهن جون ٽنگون ڏڪن ٿيون ۽ ڪنهن جي مٿي تي پگهر اچي ٿو، ??سان جي سيڪيورٽي فورسز گذريل 15، 20 سالن ۾ دهشتگردي جو ڪاميابي ۽ جرئت سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي محفوظ بڻايو، ??ن ج?? ڪري پاڪستان جو اهُو حال نه آهي جيڪو باقي مسلمان ملڪن جو ٿيو، ??سان جي انٽيليجنس ايجنسين انتشار پکيڙڻ جي ڀارتي ڪوششن ۽ منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گلگت ۾ گلگت بلتستان جي آزادي پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هڪ مضبوط فوج پاڪستان جي لاءِ ڪيتري ضروري آهي، ليبيا کان وٺي صوماليه، يمن ۽ افغانستان ۾ تباهي متل آهي، انهن ملڪن ۾ جنگيون ٿي چڪيون آهن يا ٿي رهيون آهن، انهن ملڪن جي عو??م مشڪل ۾ آهي ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.
پاڪستان جو فائدو قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث