اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت هلند?? مالي سال جي معاشي ڪارڪردگي بابت 18 – 2017ع بابت اقتصادي سروي جاري ڪري ڇڏي ??هي جنهن تحت هلند?? مالي سال دوران اقتصادي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو، زرعي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.8 سيڪڙو، مينوفيڪچرنگ جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 6.4 سيڪڙو ۽ وڏن صنعتي ادارن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 6.25 سيڪڙو رهي آهي، ناڻي واڌ جي شرح 3.8 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي 5 سالن جي اقتدار جي دور دوران ناڻي واڌ جي شرح 11.88 سيڪڙو هئي، بجيٽ خسارو 8.2 سيڪڙو کان 5.5 تائين گهٽ ٿيو آهي، ايف بي آر جي ٽي??س رهتن جي اوڳاڙي 3900 ارب رپين کان وڌيڪ رهي ??هي جيڪا جي ڊي پي جي 11 سيڪڙو کان وڌي ويندي. وزيراعظم ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پريس ڪانفرنس دوران اقتصادي جائزو جاري ڪيو.
وفاقي حڪومت پاران اقتصادي سروي رپورٽ جاري
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری