اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پانامه پيپرز جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ڪارروائي جي آغاز لاءِ کلي دل سان آجيان ڪندي چيو آهي ته پانامه پيپرز جو معاملو ه??ڻي اليڪشن ڪميشن، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي سام??ون آندو ويو آهي، آئون آئين جي پاسداري، قانون جي حڪمراني ۽ مڪمل شفافيت تي پختو يقين رکان ٿو، وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته پاناما رپورٽس جي آغاز کان ئي اپوزيشن جي ڪنهن به مطالبي کان پهرين هن سپريم ڪورٽ جي م??زز رٽائرڊ ججن تي م??تمل ڪميشن جو اعلان انهي جذبي سان ڪيو هو ته شفاف تحقيق جي ذريعي اصل حقيقتون عوام جي سام??ون اچن. ان جي جواب ۾ واحد مطالبو هي سام??ون آيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ح??ضر سروس ججن تي م??تمل ڪميشن جوڙيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada