اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد نواز شريف دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺوس پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪا مارجي ويندڙن جي خاندانن جي لاءِ آمدني، تعليم ۽ روزگار جو پئڪيج رکندڙ هجڻ گهرجي. هن اها هدايت وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ وفاقي ڪابينا ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاءِ فاتحه خو??ني ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺوس پاليسي جوڙي وڃي، اها پاليسي مارجي ويلن جي خاندانن لاءِ ٺوس آمدني، تعليم ۽ روزگار جو پئڪيج رکندڙ هجڻ گهرجي، اها پاليسي غور جي لاءِ اين??ڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه بابت تفصيلي بريفنگ دوران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پروگرام ۾ شامل منصوبا حڪومت جي اولين ترجيح آهن تنهن ڪري وقت سر اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ??يون وڃن.
وزيراعظم پاران دهشتگردي جي متاثرين لاءِ ٺوس پاليسي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری