واشنگٽن- 05 نومبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته اسرائيل کي 30 ڏينهن جي ڏنل مهلت مان 2 هفتا گذري وڃڻ باوجود به غزه ۾ امداد جي فراهمي جي صورتحال گهڻي حد تائين ??هتر ناهي ٿي سگهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر چيو آهي ته اسرائيل غزه تائين ??مداد جي فراهمي وڌائڻ لاءِ ڪجهه قدم کنيا آهن پر اڃ?? تائين ??تي انساني امداد جي فراهمي جي صورتحال کي بهتر حد تائين ??بديل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. آمريڪا غزه ۾ امداد جي رسائي لاءِ اسرائيل کي 30 ڏينهن جي مهلت ڏني هئي پر ٻه هفتا گذرڻ بعد به تل ابيب طرفان خاطر خواه قدم سامهون ناهن آيا. جوبائيڊن انت??ام??ه هڪ خط ذريعي اسرائيل کي چيو هو ته ان وٽ غزه پٽي ۾ سنگين ??نساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت آهي . خط ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته غزه ۾ روزانو 350 امدادي ٽرڪن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي. امدادي ڪارڪنن ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ انساني صورتحال اڃ?? تائين ڳڻتي جوڳي آهي. ميٿوملر چيو ته اڄ تائين ??ورتحال ۾ نمايان تبديلي ناهي آئي. اسان ڪجهه قدم ۽ راهداري جي انگ ۾ اضافو ڏٺو آهي جيڪي کيل آهن . پر جيڪڏهن توهان خط ۾ ڏنل سفارشن کي ڏسندا ته اهي پوريون نه ٿي سگهيون آهن. هن چيو ته هن وقت تائين ??ا نتيجا ڪجهه بهتر ناهن پر ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته 30 ڏينهن جي مهلت اڃان ناهي گذري. ياد رهي ته ڄاڻايل خط ۾ نيتن ياهو کي 30 ڏينهن جي مهلت ڏيندي خبردار ڪيو ويو هو ته غزه ۾ پهچايل امداد ۾ اضافو نه ڪرڻ جي صورت ۾ اسرائيل کي آمريڪي هٿيارن جو وڪرو بند ڪيو ويندو. يو ايس فارن اسسٽنٽ ايڪٽ 620 آءِ انهن ملڪن کي فوجي امداد ڏيڻ کان روڪي ٿو جيڪي آمريڪي انساني امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهن.
غزه ۾ امداد جي فراهمي جي صورتحال ۾ گهڻي حد تائين بهتري ناهي آئي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔