ا??لا?? آباد – 30 نومبر (اي پي پي) نائب و??يراع??م ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان فائرنگ ۽ گولين لڳڻ سبب زخمي ٿيڻ جون خبرون هٿ ٺوڪيون ۽ غ??ط آهن. اهو ٻڌايو وڃي ته ميتيون ڪٿي آهن ۽ انهن جون قبرون ڪٿي آهن. گذريل ڏينهن نائب و??يراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب و??يراعظم چيو ته نام نهاد احتجاجي مظاهرين ڳرن هٿيارن ۽ آنسو گئس جي شيلز سان حملو ڪيو، جٿو انارڪي پکيڙڻ ۽ مار ڪٽ لاءِ تيار هو، اسان جي سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي ساٿين جي فوت ٿيڻ باوجود صبر ۽ تحمل کان ڪم ورتو. نائب و??يراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت پنهنجي ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏيو ۽ هاڻي رياستي بربريت جو مذاق جهڙو ۽ ڪو?? تي ٻڌل بيانيو ٺاهي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : بونانزا