اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن هتي الواريز اينڊ مارسل جي ساورن مشاورتي خدمتن جي ايم ڊي رضا ستان/135582.html">باقر سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اي اينڊ ايم عالمي پيشيورا??ي خدمتون فراهم ڪندڙ ناليواري ڪمپني آهي، پاڪستان حڪومت، پاڪستان ساورن وي??ٿ فنڊ جي قيام کانپوءِ ان جي فعاليت لاءِ اي اينڊ ايم سان مشاورتي خدمتن جي فراهميءَ جو معاهدو ڪيو هو. ملاقات ۾ رضا ستان/135582.html">باقر ۽ سندس ٽيم پنهنجي حڪمت عملي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها حڪمت عملي پاڪستان ساورن وي??ٿ فنڊ ايڪٽ 2023ع تحت ڏنل ذميوارين مطابق ترتيب ڏني وئي آهي. فنڊ جي قيام جو مقصد ملڪ جي مالي استحڪام کي بهتر بنائڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي. ناڻي واري وزير اي اينڊ ايم جي خدمتن ۽ رضا ستان/135582.html">باقر جي مهارت کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس مشاورت پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.
ناڻي واري وزير سان الواريز اينڊ مارسل جي ساورن مشاورتي خدمتن جي ايم ڊي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن