اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا واپار، معيشت، بئنڪنگ جي شعبي، فوڊ ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن گڏيل اهميت رکندڙ معاملن تي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ ملائيشيا جي وز??راعظم داتوسري انور ابراهيم جي وچ ۾ ملاقات ??وران چئي وئ??. صدر ملائيشيا جي وز??راعظم جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي ملائيشيا سان وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ هو ٻطرفي تعاون کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملائيشيا جي وز??راعظم جو هي دورو ٻنهي ڀا??ر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ ۽ ظلمن کان روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. ملائيشيا جي وز??راعظم داتوسري انور ابراهيم صدر کي ٻڌايو ته هن وز??راعظم محمد شهباز شريف سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ان موقعي تي نائب وز??راعظم/ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان، سينيٽر ??ير?? رحمان ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عهديدار پڻ موجود هئا.
صدر سان ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي ملاقات، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج