اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پروٽيڪٽيڊ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊيٽا ??لب ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ گهرو وزارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو. محسن نقوي پروٽيڪٽڊ صارفين کي نان پروٽيڪٽڊ ڪيٽگري ۾ ش??مل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايف آءِ اي جي سمورن ڊائريڪٽرز کي ڊسڪوز جي ڊيٽا کي چيڪ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هداي?? ڪئي. هن 3 ڏينهن ۾ ايف آءِ اي ڊائريڪٽرز کي سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. گهرو وزير چيو ته سڀني شاهدين جي جامع رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي، پروٽيڪٽيڊ صارفين سان ناانصافي جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي. محسن قوي ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي نارٿ کي پشاور، لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد ??اڻ وڃي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ ڊيٽا ??مع ڪرڻ جي هداي?? ڪئي ۽ چيو ته شاهدين جو جائزو وٺي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اوور بلنگ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. ايف آءِ اي اختيارين اوور بلنگ تي بريفنگ ڏني. گهرو وفاقي سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي نارٿ ۽ لاڳاپيل ا??تيارن اجلاس ۾ ش??ڪ?? ڪئي. ايف آءِ اي جا سمورا ڊائريڪٽرز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ ش??يڪ ٿيا.
وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس، پروٽيڪٽيڊ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊيٽا طلب
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن