اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي من??قل ڪرڻ جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪ??مت ان حوالي سان هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، وزيراعظم ڏکڻ بلوچستان پئڪيج جي اهم من??وبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ??ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بلوچستان صوبي جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي جي قيادت ۾ بلوچستان حڪ??مت جي وفد شرڪت ??ئي. وفد ۾ من??وبابندي ۽ ترقي وارو صوبائي وزير ظهور احمد بليدي، ناڻي وارو صوبائي وزير شعيب نوشيرواني، ماهيگيري وارو پارلياماني سيڪريٽري حاجي برڪت رند، صوبائي اسيمبلي ميمبر مير رحمت صالح بلوچ، حاجي محمد خان، زمرڪ خان اچڪزئي ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر شامل هئا. اجلاس ۾ بلوچستان صوبي جي انتظامي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ صوبو آهي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير جي قيادت ۾ نئين صوبائي ڪابينا صوبي جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ان کي ترقي جي راهه تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، وفاقي حڪ??مت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صوبائي حڪ??مت سان گڏجي ڪم ڪندي. وزيراعظم بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي من??قل ڪرڻ جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي چيو ته زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي من??قلي جي حوالي سان وفاقي حڪ??مت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي من??قلي تائين بلوچستان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ ڪئي وڃي ته جيئن فصلن ۽ باغن سان زرعي پيداوار متاثر نه ٿئي. وزيراعظم ڏکڻ بلوچستان پئڪيج جي اهم من??وبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ??ئي. وزيراعظم چيو ته صوبي جي نوجوانن کي تعليم ۽ نوڪرين جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن بلوچستان جي عوام ملڪي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ڪندي رهي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واريو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، من??وبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ??ئي.
وزيراعظم پاران ڏکڻ بلوچستان پئڪيج جي اهم منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت، وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن مدد فراهم ڪندي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania