اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ صوبن جي لاءِ 25 ارب رپيا ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپين جو پراجيڪٽ منظور ڪيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جيڪو تعليم واري وزارت جي ماتحت ادارو آهي، ملڪ ۾ هر 5 سالن کانپوءِ سروي ڪرائي ٿو ته ڪيترا ٻار اسڪول کان ??اهر آهن، گذريل سروي 17 – 2016ع ۾ ٿي هئي. ان کانپوءِ 22 – 2021ع ۾ سروي ڪئي جنهن ۾ رڳو اسلام آباد جا انگ اکر سامهون رکندي 81 هز??ر ٻارن مان 71 هز??ر ٻار واپس اسڪولن ۾ اچي ويا هئا جنهن جو تناسب 86 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چيو ت?? صوبن کي ان حوالي سان ??عال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، 18 ه??ن ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن ڏانهن واپس هليو ويو آهي ۽ هاڻي اها انهن جي ذميواري آهي ته اهي اسڪولن مان جيترا ٻار ٻاهر آهن انهن کي واپس آڻين. هن چيو ته وفاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي تحت 25 ارب رپيا رکيا آهن ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.
حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ صوبن جي لاءِ 25 ارب رپيا ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپين جو پراجيڪٽ منظور ڪيو آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا