ڪراچي-08 فيبروري(اي پي پي) سنڌ جي گو??نر ڪامران خان ٽيسوري مجمو??ي طور تي پرامن چونڊون ٿيڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انتظاميه کي واڌايون ڏيندي چيو ته سڄو ڏينهن چونڊ عمل کي مانيٽر ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انتظاميه سان به رابطي ۾ رهيس. گو??نر هائوس جي پريس رليز موجب گو??نر وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو عملو ۽ بهترين ڪوريج تي ميڊيا به واڌاين جي مستحق آهي. افواهن جي ابتڙ صوبي ۾ مجمو??ي طور تي پرامن چونڊون سڀني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته عوام به مبارڪن جو مستحق آهي جنهن پنهنجي پسند جي اميدوار کي ووٽ ڏنو. اميد آهي ته نئين چونڊيل حڪومت عوام جي مسئلن کي حل ۽ معيشت جي بحالي جي ڏس ۾ قدم کڻندي.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ