اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) ڪل جماعت حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت ??يش ڪرڻ جي لاءِ اڄ سومر ڏينهن ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ هڪ ڪانفرن?? منعقد ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جو اڳوڻو صدر سردار يعقوب ان موقعي تي خاص مهمان هو، ڪانفرنس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان، جماعت اسلامي اي جي ڪي جي امير ڊاڪٽر مشتاق حمد، وزير رياست احمد رضا قادري، پاڪستان انساني حقن واري ڪ??ئو??سل جي چيئرمين جمشيد احمد، ايڊووڪيٽ نبيلا ارشاد، ناصر قادري، راجا نجابت حسين، سيد يوسف نسيم، الطاف حسين واني، محمد رفيق ڊار، ملڪ اسحاق، حاجي عارف، عبدالغني لون، چوڌري فاروق، قاضي عمران، غلام نبي بٽ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. مقررين ڄمون جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت ??يش ڪندي چيو ته ڪشميري عوام هن ڏينهن کي ان تجديد عهد سان ملهائين ٿا ته اهي پنهنجي ناقابل تنسيخ حق، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين شهيدن جو مشن جاري رکندا.
ڪل جماعت حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ پاران ڪانفرنس منعقد
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II