ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي ??زير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شفاف چونڊون من??قد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميو??ري آهي، نگران حڪومت چونڊن ??ي لاءِ ماحول سازگار بڻائيندي، ميڊيا چونڊن ??وران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي، چونڊن ۾ عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ، چونڊ عمل دوران ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات و??ري نگران وفاقي ??زير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، سمورين سياسي پارٽين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته ميديا چونڊن ??وران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته چونڊن ۾ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي ته جيئن عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن شفاف چونڊون من??قد ڪرائڻ ۾ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔