اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي دور جي 16 مهينن کي جمهوري ارتقا ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچائڻ ۽ معيشت کي مستحڪم بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح هئي، پاڪستان جي عالمي سطح تي عزت، وقار ۽ ساک جي بحالي جي ڪري دوست ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سان پنهنجي اعتماد کي بحال ڪيو، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات، دفاعي پيداوار ۽ توانائي جي 5 شعبن کي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ??وئيٽ ۾ چيو ته حڪومت جي ??دي جي ??ڄاڻي تي اتحادي حڪومت جي 16 مهينن جو جائزو وٺي قوم آڏو پنهنجو موقف بيان ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. هن چيو ته مختلف سي??سي منشور ۽ ايجندا رکندڙ سي??سي پارٽين سي??سي حريف هجڻ جي باوجود هڪ قومي ايجنڊا تي گڏ ٿيڻ جي چونڊ ڪئي، گذريل 16 مهينن ۾ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪرڻ معمول بڻجي ??يو جيڪو اسان جي جمهوري ارتقا ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هن چئلينجز جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ کي درپيش بحران ذاتي طور تي هڪ وڏو چئلينج هو جنهن جي ڪري راتين جون ننڊون اڏامي ويون هيون، ملڪ کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچائڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ هو، جيڪڏهن ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي ها ته آئون ڪڏ??ن پنهنجو پاڻ کي معاف نه ڪريان ها. وزيراعظم چيو ته اسان کي عالمي ذميوارين ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ملڪ جي ??تيجن کي پوري طرح نظر ۾ رکڻو پوندو. ان کانسواءِ دنيا ۾ پاڪستان جي ??قار، عزت ۽ ساک کي هڪ اعتماد جوڳي حصيدار ۽ دوست طور بحال ڪرڻ هڪ ٻيو چئلينج هو جنهن کي اسان گڏيل طور تي منهن ڏنو، اسان جي گڏيل ڪوششن جي ڪري پاڪستان وڏي پئماني تي ان نقصان کي پورو ڪيو ۽ عالمي برادري جي ??ڪ ذميوار ميمبر طور نمايان ٿيو، اسان پنهنجي ڀائر ملڪن بشمول چين، ترڪيه، سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سان پنهنجي اعتماد جي رشتي کي بحال ڪيو آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي نه رڳو ٻيهر پٽڙي تي وجهي ڇڏيو پر ان جي ??ئي مرحلي تي ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ انساني ۽ مادي وسيلن جي ??حاظ کان معيشت جي ??اءِ هڪ اهم چئلينج بڻي جنهن کي اسان منهن ڏنو، پنهنجي ڪلائميٽ ڊپلوميسي جي ??ڪ حصي طور حڪومت موسمياتي تبديلي جي شڪار ملڪ طور پاڪستان کي پيش ڪرڻ جي ??اءِ وڏي پئماني تي عالمي ڪوششون ڪيون، اسان پنهنجي ??سيلن مان وڏي پئماني تي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جو ڪم ڪيو، جي – 77 پلس چين جي سربراهي ۾ پاڪستان ماحولياتي انصاف جي ??طالبي جي عالمي ڪوششن جي ??يادت ڪئي، اسان جي اهم ڪردار عالمي ردعمل کي پڻ سگهه بخشي ۽ ڪوپ – 27 ۾ فنڊ قائم ڪيو ويو، لکين ڊالر جي عالمي امداد انتهائي شفاف طريقي سان خرچ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته اسان مستقبل جي اڳڀرائي ڪندي خصوصي سيرپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي، هڪ گڏيل تعاون تحت قائم ان ڪائونسل زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين ۽ معدنيات، دفاعي پيداوار ۽ توانائي جي 5 اهم شعبن کي ترجيح ڏني آهي، اهو اداراجاتي انتظام جنهن ۾ سمورين ڌرين جي ??مائندگي آهي، غيرملڪي سيڙپڪاري آڻڻ جي ??اءِ ون ونڊو جي سهولت فراهم ڪري ٿو ته جيئن چونڊيل شعبن ۾امڪانن جي راهه هموار ڪري سگهجي. ڪائونسل هڪ معاشي بحالي جو هڪ منصوبو آهي جنهن بابت سنجيدگي سان سوچيو ويو ۽ ان تي حڪومت جي ??يزن تحت عمل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته انهن 16 مهينن دوران جنهن شيءَ مون کي شديد دٻا ۾ رکيو اهو آءِ ايم ايف پروگرام جون شرطون، عالمي منڊين ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ قيمتون ۽ پاڪستان جي غريب عوام تي جاگرافيائي سي??سي هلچل جهڙن عملن جي ??يمت جي ادائيگي شامل هئي، حڪومت انهن جي بار کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، اسان انهن جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪريون ٿا، معاشري ۾ انتهائي ورڇ ۽ سلامتي جي درپيش خطرن سان گڏ اهڙيون مشڪلاتون ڪنهن به حڪومت جي ??اءِ آسان نه ٿي سگهيون پئي. وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪستنا ڍانچاجاتي سڌارن تي ڌيان ڏئي معيشت کي مشڪلاتن مان ڪڍي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي عوام مسلم ليگ (ن) کي ٻيهر چونڊي ٿي ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ملڪ جي ترقي جي ان ماڊل جي ??يروي ڪريون جتي عوام جي ڀلا??ي هجي، اسان جي ??عاشي انقلاب جو بنياد جديد زرعي صنعت کي فروغ ڏيڻ، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ تي هوندو جنهن سان وڏي پئماني تي نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ڪم، ڪم ۽ ڪم ئي اسان کي اڳتي وڌڻ جو رستو ڏيکاري ٿو.
وزيراعظم پاران پنهنجي حڪومت جي دور جي 16 مهينن کي جمهوري ارتقا ۾ اهم اڳڀرائي قرار، پاڪستان کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچائڻ ۽ معيشت کي مستحڪم بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح هئي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ