ڪراچي-17 فيبروري (اي پي پي) شاهراه فيصل تي واقع ڪر??چي پوليس آف??س تي جمعي ڏينهن شام جو حملو ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين موجب حملو ڪندڙن سا?? پوليس جي فائرنگ جي ڏي وٺ هيل تائين جاري آهي. حملي آورن جي پوليس آف??س ۾ داخل ٿيڻ جا اطلاع آهن. پوليس آف??س ويجهو فائرنگ ۽ ڌماڪا به ٻڌا ويا آهن. پوليس عملدارن ٻڌايو ته رينجرز ،پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ پوليس نفري پوليس آف??س کي چئني پاسن کان گهيري ۾ آڻي ورتو آهي. ڪر??چي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو ڪر??چي پوليس آف??س تي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته منهنجي آف??س تي حملو ٿيو آهي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي. اسپتال ذريعن موجب فائرنگ واري هنڌ تان هڪ زخمي کي جناح اسپتال آندو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں