اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اهو ڪردار مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي. هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت علائقائي ڊائريڪٽر جان اي روم ??ان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به موجود هو. وفاقي وز??ر عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان جي مسلسل مدد جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته 1950 کان وٺي هن وقت تائين عالمي بئنڪ پاڪستان کي 31.1 ارب ڊالر جي مالي مدد فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هي ڪردار مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير تازي ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ عالمي بئنڪ جي مدد کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو. هن چيو ته هن وقت عالمي بئنڪ بنيادي ڍانچي، زراعت، ٻهراڙي ۽ شهري ترقي، انساني سرمائي، سماجي خدمتن ۽ پائيدار واڌ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آ??ي. ??المي بئنڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر اقتصادي معاملن واري وزارت جي موثر ۽ فعال ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي مستقبل جي منصوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. هن انهن منصوبن تي تيزي ??ان عملدرآمد لاءِ رابطاڪاري کي موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ان ڏس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پنهنجي طريقيڪار کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته اقتصادي معاملن واري وزارت صرف معاهدن تي صحيحون نه ڪري پر انهن معاهدن تي تيزي ??ان عملدرآمد کي به يقيني بڻائي. اقتصادي معاملن واري وزارت ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي رهي آهي ته منصوبن جي موثر نگراني ٿئي ۽ فنڊن جو موثر ۽ بهتر استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته غير ملڪي مدد ??ان هلندڙ منصوبن جي نگراني لاءِ رابطاڪاري جي ڏس ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو قيام عمل ۾ اندو ويو آ??ي. ??ن موقعي تي اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري چ??و ته دير جو شڪار منصوبن تي تيزي ??ان اڳڀرائي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته ان مقصد لاءِ وزارت ۾ طريقيڪار جوڙي ورتو آ??ي. ??يڪريٽري ٻڌايو ته منصوبن تي تيزي ??ان عملدرآمد جي حوالي ??ان اقتصادي معاملن واري وزارت جي ٽيم عالمي بئنڪ جي ٽيم ??ان موثر رابطي ۾ آهي.
سردار اياز صادق سان عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت علائقائي ڊائريڪٽر جي ملاقات، تازي ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ عالمي بئنڪ جي مدد جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب