اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آسٽر??لي?? جي هاءِ ??مشنر نيل هاڪنز پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سالگرهه مبارڪ، رڳو 75 سالا تاريخ ۾ تمام وڏي فخر جي قابل، تمام وڌي خوشي جي قابل، توهان جو عظيم ثقافتي ورثو، بي مثال ۽ خوش ذائقه خوراڪ ۽ قدرتي منظرن سان ڀرپور خطو فخر جوڳو آهي. آسٽريلوي هاءِ ??ميشن پاران جاري پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هاءِ ??مشنر چيو ته منهنجي لاءِ هتان جو سڀ کان قيمتي اثاثو پيار ۽ محبت ڪندڙ عوام آهي جيڪا سدائين مسڪرائيندي السلام عليڪم چوي ٿي. هن چيو ته آسٽر??لي?? انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جن 1947ع ۾ پاڪستان کي تسليم ڪيو، اسان جي عوامي رابطن جي تاريخ 18 هين صدي تائين پکڙيل آهي جڏهن بلوچستان مان اٺن جا واپاري اسان جي ملڪ ۾ صحرائن ??ان سامان جي پهچ لاءِ انتهائي اهم هئا. هن چيو ته هن وقت اٽڪل هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني آسٽر??لي?? کي پنهنجو ملڪ چون ٿا ۽ اهي اسان جي بين الثقافتي معاشرن ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان هزارين پاڪستاني شاگردن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون جيڪي اسان جي عظيم شهرن ۽ عالمي معيار جي يونيورسٽين مان فائدو کڻي رهيا آهن. آسٽريلوي هاءِ ??مشنر چيو ته آئون توهان سڀني کي همت، اميد ۽ اع??ماد جو پيغام ڏيان ٿو، اچو گڏجي هڪ منظم طريقي سان پنهنجي وسيلن مان فائدو کڻي مسئلن کي دفن ڪري سگهون ته جيئن ??سان جو شمار دنيا جي عظيم قومن ۾ ڪيو وڃي.
پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز پاران پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز